ميھڙ/راڌڻ(نمائندن وٽان) ميھڙ تعلقي ۾ پنج کان وڌيڪ برادرين ۾ 10 سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار دوران ھڪ ناري سميت 8 ڄڻن جي قتل واري خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي ، زوار سيد قائم علي شاه جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ميڙ منٿ قافلو جھيڙيندڙ ڌرين وٽ پھتو، قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ نڪتل ميڙ منٿ قافلو ميھڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ مگسي ، ڳوٺ ورند جا ڀاڻ ، ڳوٺ رانجھو خان جلباڻي ، ڳوٺ رانجھو شر ۽ ڳوٺ پپري جي جھيڙيندڙ ڌرين وٽ پھچي جھيڙيندڙ برادرين کي خوني تڪرار ختم ڪري فيصلو ڪرائڻ لاء راضي ڪري امن امان بحال ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته ميھڙ تعلقي جي پنج کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ شر ، جلباڻي ، کوسا ۽ مگسي برادري جي ڌرين ۾ تقريبن 10 سالن کان ھلندڙ خونريزي سبب 8 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن جڏھن ته ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار سبب ميھڙ تعلقي جو امن امان تباهه آھي برادرين جي ڇڪتاڻ سبب عام ماڻھو پڻ متاثر ٿي رھيا ھئا جڏھن ته تعلقي جي پنج کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ مقتولن جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي اچي کين تڪرار جو راڄوڻي نبيري ذريعي حل ڪڍڻ ۽ فيصلي ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي مقتول ڌرين جي وارثن پاران ميڙ منٿ قافلي کي مثبت موٽ ڏيندي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي کي اجرڪ اوڍايو ۽ سمورين برادرين پاران خونريزي ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ۽ قتل ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل سندس مقتولن جي وارثن جون ضمانتون ڪرائڻ بعد فيصلي ڪرائڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو آھي جڏھن  ته برادرين جي اھڙي راضپي بعد علائقي سرھائي اچي وئي آھي