ميهڙ(ن پ ا)ميھڙ لڳ شاھ پنجو سلطان ڀرسان ڳوٺ ڪنڊو ساھڙ ۾ 6 ڪلاڪ کان گم ٿي ويل نينگر 10 سالا ريحان پٽ ديدار علي ساھڙ جو پاڻيءَ جي کڏي مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آھي اطلاع تي وارثن پھچي نينگر جو لاش ڊاٽسن ۾ کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو فوتي نينگر جي والد ديدار ساھڙ ۽ وارثن مٺل ساھڙ ، امداد ، جاويد موجب ته نينگر 2 وڳي کان گم ھئو ڳولا کان پوءِ ڳوٺ جي ڀر ۾ پاڻيءَ جي کڏي مان لاش مليو آھي ھٿ آيل لاش کي ڏسي اھو چئي سگھجي ٿو ته ٻار کي ڌڪ ھڻي قتل ڪري پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ اڇليو ويو آھي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاھر ڪندي واقعي جي شفاف جانچ ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آھي شاه پنجو ايس ايڇ او عبدالمجيد بروھي موجب ته نينگر جو لاش ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان مليو آھي نينگر جا وارث پنھنجي ئي ڳوٺ جي مائٽن مٿان قتل جو شڪ ظاھر ڪري رھيا آھن، جڏھن ته نينگر جي پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد ئي ڪجهه خبر پئجي سگھي ٿي ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ته نينگر جي جسم تي ڪنھن به گولي يا ڪنھن وڏي زخم جا نشان ظاھر نه آھن بس چھري تي معمولي زخم نظر آيا آھن ابتدائي رپورٽ موجب نينگر پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿيو آھي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجهه چئي سگھجي ٿو ھوڏانھن نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي جڏھن ته ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته نينگر جي واقعي کي راڄوڻي طور حل ڪرڻ لاءِ مقامي وڏيرن پاران پڻ ڪوششون ورتيون وڃن پيون