ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاصل کوسو ۾ گھرو معاملن تان نياڻي ۽ ٻين جوابدارن مبينا ڏنڊا ھڻي پيرسن عورت مسمات حاجاڻي زال عبدالرشيد بروھي کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش تعلقي اسپتال ميھڙ مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ عورت جي پٽ توڪل بروھي ۽ ٻين ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان جوابدار اسان جي ڀيڻيوي ممتاز بروھي ۽ سندس مائٽ قربان بروھي، گل محمد، نواب بروھي ۽ ٻين گھر تي حملو ڪري گارگند ڪرڻ بعد سروٽا ۽ ڏنڊا ھڻي منھنجي پيرسن امڙ کي قتل ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آھن، ھنن چيو ته اسان تعلقي اسپتال ميھڙ پھتاسين ته ساڳين ئي جوابدار ٻيھر حملو ڪيو اسان کي مارڪٽ ڪئي آھي ھنن چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي بيگناهه اسان جي امڙ کي قتل ڪيو اٿن ۽ اسان کي به موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھنن چيو ته اسين ميھڙ بي سيڪشن پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو آھي پر چئن ڪلاڪن تائين پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي ۽ نه وري پوليس اسان جي ڪا داد فرياد ٻڌي ٿي، ھوڏانھن ايس ايڇ او بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بروھي برادري جي ٻن  ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان ڪجهه ڏينھن پھرين به جھيڙو ٿيو ھئو ۽ ٻنھي ڌرين جون ھڪ ٻئي مٿان اين سي داخل ٿيل آھن. جڏھن ته عورت جي قتل واري واقعي جي جانچ ڪري رھيا آھيون ۽ فوتي عورت جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ۽ وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي.