ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ عدالت غير قانوني قبضي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7 جوابدارن کي 7 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ميهڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت غير قانوني قبضي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڳوٺ مولوي بشير واڍو جي رهواسين 7 جوابدارن عزيز واڍو،حزب الله،  جلال، نيڪ محمد، صابر، خالد ۽ شمن واڍو کي 7_7 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڪيس جي فريادي عبدالرزاق واڍو جوابدارن تي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جو الزام ھنيو هو.