ميھڙ(ن پ ا) ڪي اين شاهه واسي فنڪاره فلڪ علي چانڊيو پاران ايس ايچ او ميھڙ بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو خلاف لڳايل الزامن بابت ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار ۾ خبرون ھلڻ جو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي پاران نوٽيس وٺندي انڪوائري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايس ايس پي دادو ڄاڻايل معاملي ۾ ڊي ايس پي/ ايس ڊي پي او ميھڙ وقاص اڪبر دراني کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي کيس اڻ ڌري جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي ايس ايس پي دادو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ته معاملي جي انڪوائري بعد حقيقتن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.