ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ 2  اعجاز جروار جي عدالت شھري اتحاد ميھڙ جي چيئرمين ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي ڪائونسلر نياز ٻرڙو، اسماعيل بروھي، رضوان آڳرو، ھاشم ٻرڙو، فتاح شاھ ، صحافين عمران تيوڻو سميت 24 ڄڻن مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري کين باعزت بري ڪري ڇڏيو.شھري اتحاد جي چيئرمين نياز ٻرڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پوليس اسان تي ڪوڙو ۽ من گهڙت ڪيس داخل ڪيو هو، پوليس اهڙي ڪارروائي ڏوهاين خلاف ڪري ها ته امن بحال ٿي وڃي هئا، ڪورٽ سڳوري مان انصاف جي اميد هئي.واضح رهي ته بدامني خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين تي ڊيوٽي اٽڪاءَ، اهلڪارن جون ورديون ڦاڙڻ ۽ زخمي ڪرڻ جو ڪيس پوليس پاران دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو هو. نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي ڪيس مان اي ٽي سي جا قلم ختم ڪيا ويا هئا.