ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ شھري اتحاد، پي ٽي آءِ اڳواڻن، دڪاندارن، شھرين واپارين سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ميونسپل ميھڙ جي ڪائونسلرن خلاف ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي جي لاءِ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ ميھڙ انڊس ھاءِ تي لڳل ڌرڻي دوران داخل ڪيل ڪيس ۽ 9 مئي واري واقعي ۾ گرفتارين خلاف ڪيل احتجاج ۽ ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جاري امن مارچ، ميھڙ ٿاڻي اڳيان لڳل ڌرڻو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف مختلف وقتن تي ميھڙ ۾ ڪيل احتجاجن دوران ميھڙ جي اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻن تي شھري اتحاد ميھڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو ، شھري اتحاد اڳواڻ نظير جانوري، ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي ڪائونسلر اسماعيل بروھي، رضوان آڳرو ، فتاح شاهه ، ھاشم ٻرڙو ، صحافين شڪيل عطار ، عمران تيوڻو سميت 38 شھرين خلاف داخل ڪيسن جي ٻڌڻي سول جج اعجاز علي جروار جي عدالت ۾ ٿي عدالت وڪيل شير علي چانڊيو سميت ٻنھي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ شھري اتحاد، پي ٽي آءِ اڳواڻن، ڪائونسلرن، دڪاندارن ۽ صحافين کي چئني ڪيسن مان باعزت بري ڪندي چار ئي ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آھن.