ميهڙ: خوني تڪرار تان 2 سڳا ڀائر قتل

0
49
گهوٽڪي ضلعي ۾  خيرپور ۽ سکر کان  آيل  ايس ايڇ اوز مقرر
گهوٽڪي ضلعي ۾  خيرپور ۽ سکر کان  آيل  ايس ايڇ اوز مقرر

ميهڙ ڀرسان کوسا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران 2 سڳا ڀائر قتل ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

ڳوٺ خميسو کوسو ۾ سِم شاخ مڇيءَ جو ٻانڌو لڳائڻ تان جهيڙو ٿيو پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر منور کوسو ۽ نثار کوشو مارجي ويا

علائقي واسين موجب جهيڙي ڌُريون پاڻ ۾ ماروٽ پڦاٽ آهن، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سِم شاخ تي مڇي مارڻ لاءِ رکيل ٻانڌي تي جوابدارن قبضو ڪيو هو

پوليس وٽ رپورٽ درج ڪرائي پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي، اڄ منور ۽ نثار ٻانڌي واري جاءِ تي ويا ته جوابدار ڌُر فائرنگ ڪري ڏني