ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي گاھي مھيسر ڳوٺ جي ٻن ڏھاڙن کان بجلي بندش، علائقي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ خلاف گاھي مھيسر جي رھواسين ۽ علائقي واسين پاران انڊس ھاء وي تي ميھڙ سي اين جي وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو مظاھرين انڊس ھاء وي تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو مظاھرين بجلي جي ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ خلاف زوردار نعريبازي ڪندا رھيا ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ جي ڊي اي اڳواڻ سرفراز مھيسر ، پرويز ، وحيد ، حاجي احمد مھيسر چيو ته سيپڪو ميھڙ وارن گرمي ايندي ئي ھٿرادو لوڊ شيڊنگ وڌائي ڇڏي آھي ھنن چيو ته پ پ پ ايم اين اي مسرت رفيق مھيسر جي ڳوٺ جي به بجلي گذريل ٻن ڏھاڙن کان بند پيل آھي ھنن چيو ته ايس ڊي او ميھڙ فھيم شيخ بجلي کپائي رھيو آھي اسان کان بجلي جي بحالي لاء ڏيڊ لک روپيا رشوت طلب ڪري رھيو آھي سيپڪو ميھڙ وارا شھر ۾ ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري شھرين جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته گرڊ اسٽيشن جو عملو به ايس ڊي اي او واپڊا سان مليل آھي جيڪي بلاوجه جي بجلي بند ڪري رھيا آھن ۽ بار بار ٽرپنگ ڪرڻ سبب شھرين جون قيمتون شيون به سڙي رھيون آھن ھنن گھر ڪئي آھي ته گاھي مھيسر جي بجلي بحال ڪري شھر ۾ ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪرڻ بند ڪئي وڃي ۽ گرڊ عملي خلاف ڪاروائي ڪري بار بار ٽرپنگ جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.