ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ڪچي واري واري علائقي ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھڪ سال کان جاري خوني تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ سياسي سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن علامه مولوي علي حسن پنھور ، رئيس طالب حسين پنھور ، ڏاڏو غلام رسول چانڊيو ، مولوي مسعود پنھور ، عبدالحڪيم ڀرٽ ،وڏيرو عجيب الله ، غلام نبي قمبراڻي ، شوڪت ٻٽڙو شھرين ۽ مقامي ماڻھن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ميڙ منٿ قافلو وٺي جھيڙيندڙ ڌرين ھڪ ڌر ڳوٺ ڄام خان ڀرٽ ۾ ڊاڪٽر عبدالواحد ڀرٽ ۽ عبدالمجيد ڀرٽ جي ڌر وٽ پھتا ۽ ٻي ڌر ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ محمد خان ڀرٽ وٽ پھتا ٻنھي ڌرين کي کين فيصلي ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي ميڙ منٿ قافلي کي ڌرين پاران مثبت موٽ ڏني وئي آهي،  فيصلي تي راضپو ڏيکاريندي ٻنھي ڌرين پاران ٻن ڏينھن بعد فيصلي جي تاريخ ڏني ويندي. ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي سبب علائقي جو امن امان تباھ آھي ڌرين جي ڇڪتاڻ سبب عام ماڻھو متاثر ٿي رھيا آھن ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي کين فيصلي ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي واضع رھي  ته  ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جاري ھڪ سال کان تڪرار سبب ڌرين جا 2 ڄڻا محمد مٺل ڀرٽ ۽ مبين ڀرٽ قتل ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا آھن تڪرار سبب سنڌي ٻٽڙا وارو علائقو نو گو ايريا بڻيل آھي.