ميھڙ(ن پ ا ( تڪراري ڪئنالن ۽ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف ميھڙ بار ايسوسيئيشن پاران ميھڙ ڪورٽ ۾ پنجين ڏينھن به احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري مظاھرو ڪيو ويو، ميھڙ بار جي وڪيلن پاران درياءَ مٿان ڌاڙو ۽ زمينون نيلام ڪرڻ خلاف زوردار نعريبازي ڪندا رھيا، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن ميھڙ بار جي صدر وڪيل اصغر پتوجو ، جنرل سيڪريٽريءَ منور جتوئي، لاڙڪاڻو ھاءِ ڪورٽ بار جي جوائنٽ سيڪريٽري وڪيل عابد ڪلھوڙو، ضلع بار دادو جي صدر وڪيل عبدالخالق ٻگھيو، وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل محمد علي ڪانڌڙو، وڪيل رحيم بخش ٻگھيو ،وڪيل نجيب مھيسر ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ تڪراري ڪئنالن ۽ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي ھنن چيو ته سنڌو مٿان ڌاڙي خلاف سنڌ جا وڪيل ، سنڌ جا شاگرد ، سنڌ جون نياڻيون سنڌي ماڻھو جدوجھد ڪندا رھندا حڪمران زبردستي پنھنجا فيصلا مڙھڻ بند ڪري اسين کيس ڪڏھن به انھن کي سنڌ مٿان ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين ھنن چيو تہ جيسيتائين سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويندو تہ ميھڙ بار ايسوسيئيشن پاران اسان جو ھي احتجاج جاري رھندو.