ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اعجاز علي شاھ جي عدالت ۾ حاضري تي آيل جھيڙي جي ڪيس جي جوابدارن ضمانت رد ٿيڻ تي عدالت ۾ ئي جھيڙو ڪري ڏنو. راڌڻ واسي جوابدار اصغر، عبدالجبار زرداري، حسن، ارشاد ۽ آصف زرداري جا عدالت ضمانت رد ڪئي، گھاٽ تي موجود پوليس اھلڪارن عدالتي ڪمري ۾ اچي جوابدارن کي ھٿ ڪڙيون هڻي گرفتار ڪيو ته جوابدارن مزاحمت ڪئي، ان دوران پوليس اھلڪارن ۽ جوابدارن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي. جوابدارن پاران پوليس سان جھيڙي دوران عدالت ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڊيوٽي تي موجود ھڪ پوليس اھلڪار محمد انور ڪنڀر ھٿ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. وڌيڪ پوليس نفري پھچڻ بعد جھيڙيندڙ پنج جوابدارن مان پوليس ٻن جوابدارن آصف زرداري ۽ ارشاد زرداري کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته 3 جوابدار ھٿ ڪڙين سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن تي عدالت فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته ٽن جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪوشش ڪئي وڃي پئي. ھوڏانھن ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي گھاٽ انچارج سب انسپيڪٽر رجب علي ناريجو جي فرياد تي جھيڙو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ ڊيوٽي اٽڪاء ، ھل ھنگامو ۽ پوليس تحويل مان جوابدار ڇڏائڻ جا قلم لڳايا ويا آھن. ڪيس ۾ عبدالجبار، علي اصغر، حسن، آصف زرداري، ارشاد ۽ 3 نامعلوم جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف ميھڙ بار جي جنرل سيڪريٽريءَ وڪيل منور جتوئي ۽ وڪيل سعيد پنھور ٻڌايو ته ميھڙ ڪورٽ ۾ جھيڙا روز جو معمول بڻجي ويا آھن جھيڙن جو سبب ميھڙ ڪورٽ ۾ پوليس نفري گھٽ ھجڻ آھي. ھنن اسين ايس ايس پي دادو کان ميھڙ ڪورٽ ۾ نفري وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي