ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ورھاڱي کان اڳ قائم ٿيل قديم تعليمي ادارو سنڌي ٻٽڙا پرائمري اسڪول سھولتن کان وانجھيل آھي اسڪول ۾ ڪلاسن ، فرنيچر ، عملي ،  واش روم ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ آھي اسڪول ۾ موجود ھيڊماستر عجيب اللہ قمبراڻي ۽ ٻين استادن توڙي شاگردن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو تہ اسڪول 1919ع ۾ قائم ٿيو ھيو ھن وقت 500 کان وڌيڪ ٻار پڙھي رھيا آھن پر اسڪول ۾ ڪمرا ناھن ، واش رومن جي سخت کوٽ آھي فرنيچر نہ ھجڻ سبب اسڪول جا ٻار زمين تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن ھنن گھر ڪئي آھي تہ سنڌي ٻٽڙا جي قديم تاريخي اسڪول ۾ عملو ، فرنيچر ڏئي نوان ڪلاس روم ۽ واش روم ٺھرائي ڏنا وڃن وزير تعليم قديمي اسڪول کي بھتر بڻائڻ لاء قدم کڻي.