ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ جي لال شاهه ڪالوني جو رھواسي ھوٽل تي مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پورھيت محمد پنھل سولنگي گذريل ڪيترن ئي مھينن کان ڪينسر جي موضي مرض سبب بستري تي پيل آھي. سرڪاري ادارن، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ مقامي سياسي سماجي اڳواڻن به پورھيت جي سار ناھي لڌي. پورھيت محمد پنھل سولنگي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل 5 مھينن کان ڪلھي ۾ ڪينسر جو ڳوڙھو ٿيڻ سبب ڪيترن ئي اسپتالن مان پنھنجي گھر جو الھه تلھه وڪڻي علاج ڪرايو آھي پر صحت ۾ سڌارو اچي نه سگھيو آھي جڏھن ته ڪراچي جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران آپريشن جو مشورو ڏنو آھي، پر ان تي لکئين رپيا خرچ اچي رھيا آھن جيڪي پيسا نه ھجڻ ڪري شديد تڪليف سبب گھر بستري تي پيل آھيان. اڳ ۾ ھوٽل تي مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو ھئس ۽ ٽن ٻارڙن جو اولاد آھي جن کي اسڪولن مان تعليم به ڏياريندو ھئس پر ھن خطرناڪ بيماري سبب ھاڻي ٻارڙن اسڪول وڃڻ به ڇڏي ڏنو آھي. ھن وس وارن، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار کي اپيل ڪندي علاج ڪرائڻ جي گھر ڪئي آھي.