ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ميهڙ لڳ ٻيٽو جتوئي ۾ 14 ڏينهن اڳ قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جون نياڻيون ريشما ۽ صائمه قاتلن جي گرفتاري لاءِ پيرين اگهاڙي  ڪراچي پريس ڪلب پھچي ويون،  ان موقعي تي ساڻن گڌ پهتل شهرين احتجاج رڪارڊ ڪرايو، هنن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي سميت ملوث ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ مقتول جي نياڻي ريشما چانڊيو جو چوڻ ھو ته منھنجو بابا 12 ربيع الاول لاءِ چانور وٺڻ ويو ھو، نادر مگسي بابا کي بي گناھ قتل ڪرائي اسان جو ويڙهو ويران ڪري ڇڏيو آھي، اسان کي انصاف ڏياريو وڃي، آئون سپريم ڪورٽ،   آء جي سنڌ ۽  ڊي جي رينجرز کان مطالبو ڪريان ٿي ته اسان جي بابا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.