ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ جا سونارا به ڪئنالن خلاف نڪري پيا، کدڙا فقير به احتجاج ۾ شريڪ ٿي ويا. ان ڏس ۾ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف ميھڙ جي صرافا بازار جا سونارا به روڊن تي نڪري آيا. صرافا شاھي بازار ميھڙ يونين جي اڳواڻن صدر پرنس اختر جويو، مير صابر حسين جويو، ميثم عباس، جاني پرويز ، ڪاشف جويو ۽ ٻين  پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سونارا بازار کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. هوڏانهن  ينگ اسٽوڊنٽس آف ميھڙ جي سڏ تي سياسي سماجي واپاري شاگرد سول سوسائيٽي وڪيل صحافي ۽ وڏي تعداد ۾ شھري روڊن تي نڪري آيا احتجاجي مظاھري ۾ خواجه سرائن پڻ شرڪت ڪئي. آزاد چنه ، عادل تيوڻو ، عقيل ميمڻ ، سرمد جتوئي ، وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل منور جتوئي ،وڪيل عبدالخالق ٻگھيو ، وڪيل عابد ڪلھوڙو، وڪيل رضوان تنيو، سڪندر سوڍر، وڪيل داد محمد مگسي، وڪيل پنھل کوسو، ايوب کوسو، رضوان بروھي، علي رضا بروھي، اسد بروھي ،صدائي رياض ڪلھوڙو ، ميٽم عباس جويو، سمير ھالو، مير عمران تيوڻو، مير شڪيل عطار، مختيار سنڌي، سيد فتاح شاهه، حڪيم ڏيپر، روشن گھانگھرو، دلبر کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ھر ماڻھو جو جيئڻ سنڌو درياءَ سان لاڳاپيل آھي، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي مارڻ برابر آھي سنڌ جو ڪو به ماڻھو پنھنجي درياءَ تي ڌاڙو برداشت نه ڪندو سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل غير آئيني غير قانوني آھي، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي ھنن گھر ڪئي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.