ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ انڊس ھاءِ وي باءِ پاس وٽ ويگن ، ڪار ، مسافر ڪوچ مالڪن ۽ دڪاندارن ۾ گاڏيون بيھارڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران وين ڊرائيورن، مالڪن ۽ ٽرانسپورٽر وريام ڪانڌڙو، الطاف ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاءِ وي تي ويگنون بيھاري احتجاجي مظاھرو ڪيو آهي، ان موقعي تي مظاھرين چيو ته انڊس ھاءِ وي تي روڊ تي گاڏيون بيھارڻ تي دڪاندار ، مسافر ڪوچ ۽ ڪار مالڪ اسان سان وڙھڻ لاءِ تيار آھن، روز جھيڙا ٿين ٿا، ڪار، مسافر ڪوچ ۽ دڪان مالڪ اسان ويگن وارن کي روڊ تي بيھڻ لاءِ ڀتو به گھرن ٿا، نوٽيس وٺي اسان ويگن ھلائندڙن سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن دڪاندارن جو چوڻ آھي ته ويگن، ڪارن ۽ مسافر ڪوچن لاءِ ھڪ اڏو قائم ڪيو وڃي، ٽرانسپورٽ اسان جي دڪانن آڏو گاڏيون بيھاري اسان جي دڪان ڏانھن اچ وڃ بند ڪري ٿا ڇڏين، جنھن سبب اسان جو روزگار بند ٿي وڃي ٿو، ٻئي طرف انڊس ھاء وي تي ڌرڻو لڳڻ سبب لاڙڪاڻي- ڪراچي ۽ ٻين شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي، مسافرن ۽ مظاھرين ۾ چڪريون پڻ ٿيون جڏھن ته احتجاج جي اطلاع بعد اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او اڪبر چنه ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين لٺين جي زور تي ڇڙ وڇڙ ڪري انڊس ھاءِ وي کولرائي ڇڏيو آھي.