ڪراچي(نمائندن وٽان) ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، منڇر جا دروازا بند ٿيڻ سبب ايم اين وي ڊرين تي دٻاءُ وڌي ويو، دادو، ڀان، سيوهڻ ۽ خدا آباد ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿيڻ بعد منچر ڍنڍ کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پراڻ ڍوري جو پاڻي ملڪاڻي ۽ سمن سرڪار ڏانهن وڌڻ لڳو، نئون ڪوٽ وٽان گذرندڙ هاڪڙو درياءَ ۾ چاڙھه، سنتورو فارم کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته سانگهڙ بدستور پاڻي جي گهيري هيٺ آهي. تفصيل موجب ميھڙ شھر ٻوڏ جي پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويو، ميھڙ باءِ پاس انڊس ھاءِ وي سان لڳندڙ ڀٽي روڊ،راڌڻ روڊ،گاھي مھيسر روڊ،قاضي عارف روڊ،لاڙڪاڻو روڊ،گھاڙي روڊ تي موجود 10 کان وڌيڪ ڪالونيون توڙي شھر سان لڳندڙ 8 ڳوٺ به پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آھن ميھڙ شھر جو ڊگري ڪاليج، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، ميھڙ گرڊ اسٽيشن سميت 3 پيٽرول پمپ، 4 ھوٽل ، مسجدون ۽ اسڪول به پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن، پاڻي ميھڙ پھچڻ تي شھر جا اڪثر ماڻھو شھر ڇڏي ويا آهن، شھر سميت ڳوٺن جي ماڻھن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪري مختلف شھرن ڏانھن روانا ٿي ويا جڏھن ته سوين ماڻھو ميھڙ جي باءِ پاس تي پکڙا اڏي ڇڏيا آھن شهر ۾ افراتفري وارو ماحول ڇائنجي ويو آھي، سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران شھرين کي ميھڙ شھر نه ڇڏڻ جون اپيلون پڻ ڪيون پيون وڃن، ٻوڏ جي پاڻي ۾ چاڙھ سبب انڊس ھاءِ وي کي ٽرئفڪ لاءِ مڪمل بند ڪيو ويو آھي موٽروي پوليس جي ڊي ايس پي نعيم غوري موجب ٽريفڪ کي دادو کان مورو طرف موڙيو ويو آھي جنھن سبب ميھڙ ڪي اين شاھ شھرن توڙي ھزارين ڳوٺن جا رابطا ھڪ ٻئي سان ڪثجي ويا آھن.جوهي شھر جي رنگ بند ٻاهران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڀرسان قائم نيو سٽي ڪالوني ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي جنهن سبب 150 جي لڳ ڀڳ گهرن تي مشتمل نيو سٽي ڪالوني جا ڪچا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ لائيو اسٽاڪ جانورن جي اسپتال ۾ پڻ پاڻي داخل ٿي ويو آھي، شھر جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جمع خان لغاري، غلام حسين گاڏھي، ابراهيم چانڊيو، علي محمد مغيري، الهبچايو پنهور،سميت جوهي شھر جي اوڀر پاسي پاڻي جو وڏو وهڪرو هلي رهيو آھي. ٻئي طرف خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ بهاول خان لغاري لڳ شهر جي آخري ڊفينس خداواھ کي 20-20 فوٽ جا ٻه گهارا لڳي ويا جيڪو پاڻي تيزي سان شهر ڏانهن وڌڻ لڳو آهي شهرين جو ساھ مٺ ۾ آهي خداواھ کي شهري پنهنجي مدد پاڻ مشين ذرعي گهارا بند ڪري رهيا هيا ته ٻئي طرف اچانڪ گهارا لڳا ته شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي جڏهن ته سپريوبند جو سمورو پاڻي وڏي تيزي سان ڪي اين شاهه جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙيندي ڪي اين شاهه شھر ۾ داخل ٿي ويو آهي، آبپاشي ايس ڊي او ظھور بليدي جو چوڻ آھي تي آر ڊي 12 گوزو وٽان لڳل گھاري جو پاڻي خيرپور ناٿن شاھ باءِ پاس کان ٽڪرائجي منگواڻي کان ميھڙ پاسي وھڪرو ڪيو آھي جنھن سبب پاڻي ميھڙ ڀرسان انڊس ھاء وي سان ٽڪرائجي ويو آھي پاڻي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺن کان راوت لغاري ۽ ٻين شھرن کان ٿيندو منگواڻي يونين ڪائونسل ٻانڌي جانورين جا ڳوٺ ۽ ٻيا ٻوڙيندو ڪولاچي موري ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي دلاور موري کي اوور ٽاپ ڪري ميھڙ جي رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو آھي جنھن سبب ميھڙ جي رنگ بند تي سوين شھري نڪري آيا آھن جيڪي رنگ بند تي موجود مشينري سان گڏجي رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف ڪڪڙ لڳ جمعو شيخ سامھون ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ کي 100 ڦوٽ اوڀر ڪي اين شاه طرف گھارو لڳو جنھن ڪري برساتي پاڻي سوين ڳوٺ ٻوڙي ڪي اين شاه طرف روانو ٿي ويو آھي جنھن بعد ڪي اين شاه تعلقي جا لکين ماڻھون لڏ پلاڻ ڪري شھري علائقن ڏانھن منتقل ٿيڻ لڳا آهن، ڀان سيدآباد ويجهو ايم اين وي ڊرين جي پاڻي جو ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۾ گهٽائڻ لاءِ واپڊا اسڪارپ کاتي ۽ آبپاشي عملي ملي ڀڳت ڪري منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ ڀرسان ايم اين وي ڊرين جي آرڊي 21 وٽان دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد ايم اين وي ڊرين جي بندن تي پاڻي جو سخت دٻاءُ ٿي ويو آهي، بندن جي حالت ڪمزور ٿي وڃڻ بعد مقامي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ بندن جي نگراني لاء پهچي ويا، ان سلسلي ۾ مقامي ڳوٺاڻن پاران اسحاق جمالي، مراد جمالي، عزيز الله جمالي، ڌڻي بخش مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم اين وي ڊرين جو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ بند ڪرڻ لاء احتجاج ڪيو، مظاهرين چونڊيل نمائيندن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو تہ ايم اين وي ڊرين جو بند اڳ ئي ڪمزور آهي، وري منڇر ۾ پاڻي ڇوڙ گهٽايو ويو آهي جنهن سبب ايم اين وي ڊرين تي پاڻي جو دٻاء آهي، بند ٽٽڻ جو خدشو آهي، هنن چيو تہ ايم اين وي ڊرين جو امڪاني طور تي بند ٽٽڻ سان ڀان سيدآباد، دادو، خداآباد سميت ٻيا شهر توڙي سوين ڳوٺ ٻڏي ويندا، جنهن سبب علائقي واسين جو ساهه مٺ ۾ آهي هنن مطالبو ڪيو ته ايم اين وي ڊرين جي دروازن کي کولي دروازن ڀرسان ڪٽ ڏنو وڃي ته جيئن پاڻي جو وهڪرو منڇر ۾ آساني سان داخل ٿي وڃي ۽ علائقو تباهي کان بچي سگهي. ٻئي طرف دادو ۾ چونڊيل نمائيندن ، آبپاشي ، روينيو عملدارن جي اعلي سطحي گڏجاڻي ٿي آهي ، جنهن ۾ سپريو بند ، ايم اين وي ڊرين کي گهارا پوڻ ۽ جوهي بئراج کي ڪٽ ڏيڻ باوجود پاڻي جو دٻاء نه گهٽجڻ ڪري ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر دادو لاء خطرو پئدا ٿيڻ تي منڇر کي ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، منڇر کي ڪٽ ڏيڻ سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو ڳوٺ واهر ، سيوهڻ ايئر پورٽ ، آراضي ، پارڪو آئل فيلڊ سميت سوين ڳوٺ متاثر ٿيندا ، منڇر کي ڪٽ ڏيڻ سبب متاثر ٿيندڙ ڳوٺن جي رهواسين کي هڪ هفتو اڳ نوٽيس ڏئي لڏ پلاڻ ڪرائي وئي هئي، پنگريو ڀرسان کوسڪي جرڪس آئيل پور باگو ساخون اوور ٽاپ ڪري ويون ڳوٺ بورو لسڪاڻي وٽان 20فوٽ گھارو پئجي ويو، هوڏانهن ملڪاڻي ڀرسان ڳوٺ دودو سرگاڻي جي سامھون ڍورو پراڻ کي لڳل گهارو ٻه ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بند ٿي نه سگهيو آهي، گهاري جو پاڻي پنگريو شهر، ملڪاڻي شهر ۽ درگاھ سمن سرڪار طرف تيزي سان وڌڻ لڳو آھي، گهاري بند نه ٿيڻ سبب يونين ڪائونسل خيرپور گنبو، يونين ڪائونسل سمن سرڪار، ۽ يونين ڪائونسل ملڪاڻي جا ،20 کان مٿي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، جهڏو ۾ پراڻ ندي کي 7 ڏينهن اڳ 16 بند وٽان لڳل گهارو بند نه ٿيڻ سبب گهاري جو پاڻي جهڏو سامارو روڊ ڪراس ڪري شهر جي بچيل اوڀر وارين 8 ڪالونين حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، صغير ڪالوني، عابد ڪالوني سميت 10 ڳوٺن ڳوٺ احمد خان کوسو، ڳوٺ پير بخش کوسو ۽ ٻين علائقن ۾ داخل ٿي ويو آهي، شهر جي هاشم ڪالوني، عاشق ڪالوني ۾ گهاري جو پاڻي 4 فوٽ تائين بيهجي ويو آهي، جڏهن ته پاڻي جو تيز وهڪرو اڃان تائين ڄاڻايل علائقن ڏانهن تيزي سان جاري آهي، شهر جي اوڀر طرف قائم واٽر سپلاءِ اسڪيم جا تلاءُ، آر ايچ سي، ٽائون ڪاميٽي، نادرا آفيس پڻ ٻڏڻ جو خدشو آهي، پاڻي داخل ٿيڻ بعد ڄاڻايل علائقن جا هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ سوين خاندان پنهنجا گهر خالي ڪري محفوظ هنڌ منتقل ٿي ويا آهن ھوڏانھن لڳل گهاري کي هفتو گذرڻ باوجود انتظاميا پاران گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا جنهن بعد علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايل بي او ڊي انتظاميا فقط شهرين کي هڪڙي ٻيڙي فراهم ڪئي آهي جنهن تي شهري مٽي جا ڪٽا ڀري کڻي وڃي گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻي پاسي مک جهڏو شهر پڻ مسلسل پاڻي هيٺ آهي شهر جا رهائشي توڙي ڪاروباري علائقا اڃان تائين پاڻي هيٺ آهن، جنهن سبب شهر جو ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي لاٿ بعد نئون ڪوٽ وٽان گذرندڙ هاڪڙو دريا ۾ پاڻي جو چاڙھ نئون ڪوٽ جي ٿرپارڪر سان لاڳاپيل علائقي سنتورو فارم واسين لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، هاڪڙي جي ساڄي پاسي واري بندر تان پاڻي اوور ٽاپ ٿي ميرپورخاص ضلعي سان لاڳاپيل علائقي جي ملاح پاڙي جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن سبب ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري رليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿي ويا آهن. ٽنڊي آدم باءِ پاس وٽ مال پڙي وٽان برساتي پاڻي کي ٽنڊوآدم شهر ۾ داخل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ٽن ڏينهن کان ڏنل عارضي بند تي ڪم هلندڙ آهي پر بند تي پٺيان کان پاڻي اچڻ سبب بند تي مسلسل دٻاءُ واري صورتحال آهي ۽ پاڻي ۾ چاڙھ اچي رهيو آهي، جڏهن ته 2 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڏنل هيوي بند سيپيج ڪري رهيو آهي ۽ هن عارضي بچاءُ بند جي ٽٽڻ سبب شهر کي ٻڏڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، بند جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ نثاراحمد ميمڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ برساتن بابت فوڪل پرسن پارس ڏيرو پهتا ۽ هنن بند تي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو ان موقعي تي ڊي سي سانگهڙ نثاراحمد ميمڻ صحافين پاران ڪيل سوال تي ٽنڊي آدم بند تي گڏ ٿيل برساتي پاڻي کي ڪڍرائڻ لاءِ ٽائيم فريم ڏيڻ کان مڪمل طور لاچاري ڏيکاري ڇڏي، آبپاشي کاتي جي سب ڊويزن ٽنڊوآدم ٽو جي ڀوڦاڙ شاخ مان نڪرندڙ ٿاڻو مائنر شاخ کي عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڳوٺ حاجي عبدالله بلوچ وٽان 50 فٽ گھارو پيو، جنهن سبب عبدالله بلوچ ڳوٺ عبدالرسول سميت ڀرپاسي جا ڪيترا ئي گھر ٻڏي ويا جنھن ۾ ڪيترائي ماڻهو جي پاڻي جي گھري ھيٺ اچي ويا، رپڙيءَ لڳ بااثرن پنهنجا فصل بچائڻ لاءِ سائدي سم نالي کي ڪٽ هڻائي ڇڏيو، 50 ڳوٺن ۾ٻيهر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، 150 کان وڌيڪ ڳوٺن جو گمبٽ، کهڙا ۽ ٻين شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. گپچاڻي ڀرسان يوسي اسماعيل خان بروهي جي ڳوٺ دودو خان ڀنگوار وٽان سم نالي کي 5 ڏينھن کان لڳل گھارو ٻڌجي نه سگھيو آھي، جنھن ڪري 2سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ربنواز پٺاڻ ،علي بخش پڃارو، غلام حيدر بروهي، درگاھ شاھ حسين بخاري سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن، جڏهن ته ھزارين ماڻھو پنھنجااجھا ڇڏي محفوظ ھنڌن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويا آھن، جڏھن ته گھاري جو پاڻي گپچاڻي ڄام صاحب روڊ کان ڪراس ڪري ٻين ڳوٺن ڏانھن وڌڻ لڳو آهي. ھوڏانھن گپچاڻي لڳ اولھه طرف کان وهندڙ سم نالي کي ڳوٺ شھمير زرداري وٽان 30فٽ گھارو لڳي ويو، جنھن ڪري 5کان وڌيڪ ڳوٺ ڏاڙهون مگسي شھمير زرداري زنوار علي بخش زرداري ميهار خان زرداري سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن،