اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير ۽ بي اين پي سربراهه اختر مينگل جي لانگ مارچ تي آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملي جو منصوبو سٽيندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو آهي ته مستونگ ۾ لڪ پاس وٽ اختر مينگل تي خودڪش حملو ڳڻتي جوڳو آهي، پ پ چيئرمين طرفان حملي آورن ۽ منصوبو سٽيندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي.