اسلام آباد(بيورو) وفاقي راڄڌاني ۾ ملڪ جي مخالف ڌر جي پارٽين چونڊ نتيجا رد ڪندي ملڪ ۾ ٻيهر منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مجلس وحدت المسلمين پاڪستان جي ميزباني هيٺ مختلف سياسي پارٽين جو  مشاورتي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ پختون خواف ميپ، بي اين پي مينگل ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ٿيل چونڊون شفاف نه هيون، اهي نتيجا رد ڪريون ٿا. هنن چيو ته ڌانڌلي قبول نه آهي چونڊ نتيجا رد ڪري ٻيهر صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.