اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو ته اسان جي پارٽي جي باغي ميمبرن کي ڪارن شيشي جي گاڏين ۾ آڻي پارليامينٽ آڻي زوري ووٽ ڏياريو ويو. پارليامينٽ جي سيڪيورٽي وردي ۾ ٻاهر کان ماڻهو انهن ماڻهن کي وٺي آيا انهن جون تصويرون موجود آهن. ان واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز محفوظ ڪرائي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، اسپيڪر پارليامينٽ ۾ موجود ايجنسين جي ماڻهن جي جاچ ڪرائي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته جيڪو به پارليامينٽ جي بالادستي ۾ مداخلت ڪندو اهو مردا آباد آهي، هن چيو ته بي اين پي مينگل جي سينيٽر قاسم رونجو اوهان جي پوري آئيني ترميم جو راز فاش ڪري ڇڏيو آهي. ائين ناهي ته اوهان کي خبر ناهي. هي سڀ ڇا ٿيو جاچ ڪرائي ذميوارن کي سامهون آندو وڃي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ چئن گروپن ۾ ورهايل آهي، جن ووٽ ڏنو، انهن اتفاق راءِ سان ووٽ ڏنا آهن. مسلم ليگ ن جي ميمبر حنيف عباسي چيو ته انهن جي ميمبرن پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏنو آهي، ڊالي ۾ کڻڻ ۽ مارشل لاء لڳائڻ جي روايت اپوزيشن ليڊر جي ڏاڏي وڌي هئي. پي ٽي آءِ ميمبر شير افضل مروت چيو ته کيس اربين رپين ۾ ووٽ وڪڻڻ جي آڇ به ڪئي وئي پر هن انڪار ڪيو. قومي اسيمبلي غزہ ۽ لبنان ۾ اسرائيلي بمباري جي خلاف مذمتي قرارداد متفقه طورتي منظور ڪئي وئي.