حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ٽنهي ڏينهن تي محفل اياز دوران بدمزگي سبب راڳ ٻڌڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۽ سنڌ ميوزيم جي آڳنڌ ۾ ٿيل ڌار ڌار سيشنن ۾ ٻڌندڙن جو تعداد تمام گهٽ نظر آيو جڏهن ته راڳ جي محفلن ۾ ماڻهن جي رش تمام گهڻي نظر آئي. اياز ميلي جي منتظيمن جو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪئميرامينن سان ناروا سلوڪ رهيو ۽ ميلي جي ٻن ڏينهن دوران کين راڳ رنگ جي محفلن کي رڪارڊ ڪرڻ کان زبردستي روڪڻ جي ڪري ٽئي ڏينهن تي ڪئميرامينن ميلي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن به سيشن کي رڪارڊ نه ڪيو. ڪئميرامينن سان پيش آيل بدمزگي واري معاملي بابت منتظمين کي ڄاڻ به ڏني وئي پر انهن پاران ڪئميرامينن توڙي صحافين سان ڪو به رابطو ڪري معذرت نه ڪئي وئي جنهن جي ڪري اياز ميلي جي ٽئين ڏينهن تي اڪثر صحافي ميلي جي اليڪٽرانڪ ڪوريج کان پاسيرو رهيا. ميلي ۾ موجود والنٽيئرز به شريڪ ٿيندڙ ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندا رهيا. راڳ رنگ جي محفل دوران مختلف وقتن تي هلڪا ڦلڪا جهيڙا به ٿيا جنهن جي ڪري راڳ رنگ جون محفلون مختلف وقتن تي متاثر ٿينديون رهيون.