ميلو ‘ڦِٽو’ ئي ناهي پر ‘ڦِٽي’ به رهيو آهي!

0
23
ميلو ‘ڦِٽو’ ئي ناهي پر ‘ڦِٽي’ به رهيو آهي!

ميلو ‘ڦِٽي’ رهيو آهي. انصافي دوستن جي آخري اُميد هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جو آمريڪي صدر چونڊجڻ، آمريڪا جي پي ٽي آءِ جي حامي پاڪستاني ڄاوا آمريڪي ووٽر باجماعت ٽرمپ جي محبت جا اسير آهن. ڇو نه هجن، ٽرمپ تڏهن آمريڪا جو صدر هو، جڏهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي پينٽاگون ۾ ملڪي سربراهه وارو پروٽوڪول مليو هو. وزير اعظم عمران خان جي نِجي آمريڪي دوري کي سفارتي ۽ سفارشي ڪوششن سان اسٽيٽ گيسٽ جو درجو ڏنو ويو. ٻئي (باجوه ۽ عمران) “واري واري سان” وائيٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ سان مليا (هِي آمريڪا جو اهو ئي دورو آهي، جنهن کان پوءِ اسلام آباد ۾ قدم رکندي عمران خان چيو هو ته، ائين لڳي ٿو ته ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽي وطن واپس آيو آهيان).

                 انهن ملاقاتن کان پوءِ ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ان کي ٽن حصن ۾ ورهائي باضابطه طور ڀارت جو حصو بنائي ڇڏيو. تڏهن مون هِنن ئي سِٽن ۾ عرض ڪيو هو ته، “ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويو، جيڪو جنهن جي والار هيٺ آهي، اُهو اُن جو ٿي ويو”. هاڻي ته، ٽرمپ آمريڪا جي صدارتي چونڊ وڏي اڪثريت سان کٽي ويو آهي. پاڪستاني ووٽرن جو هڪ حلقو ڪملا جو حامي آهي. ڪملا ايشيا ڄائي آمريڪي هجڻ جي ڪري، تاريڪين وطن ۽ آمريڪي عورتون، عورت هجڻ جي ڪري ان جي صدر چُونڊجڻ جي لاءِ پرجوش هئا ۽ اهو خدشو هو ته جيڪڏهن ٽرمپ نه کٽيو ته، اسان جي قائدِ انقلاب ۽ مسلم اُمه جي اُن پنهنجي مَٽ پاڻ رهنما جو ڇا ٿيندو، جيڪو اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ اُن جي گهر واريءَ گذريل ڏينهن ڀري عدالت ۾ رُوئندي شڪايت ڪئي هئي ته، منصفن کي نَون مهينن کان بي گناهه قيد شخص نظر ئي نٿو اچي. هاڻي جڏهن ٽرمپ آمريڪي صدارتي چونڊون کٽي چُڪو آهي ته ڇا واقعي به اُن جي هڪ ٽيليفون تي چاچا فورمين ۽ پير سيد حافظ ڍيري ٿي ويندا، جيئن ڪمانڊو آرمي چيف ۽ صدر جنرل پرويز مشرف هڪ اسسٽنٽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي فون تي ڍيري ٿي ويو هو؟ هِي سوال ويچار جوڳو آهي، البته توهان وٽ ناهي ته، دماغ کپائڻ جي ضرورت ناهي.

ميلو ‘ڦِٽي’ رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ‘ترين’ ججن 31 آڪٽوبر تي چيف جسٽس کي خط لکيو هو ته، بنا دير پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪوٺايو وڃي پر پوءِ پاڻ ئي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو ٻه رڪني اجلاس گُهرائڻ وارو فيصلو ڏئي ڇڏيو. صرف اهو ئي نه پر هڪ ‘ڪرش’ جي حامين جي درخواستن سميت 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستون فل ڪورٽ جي 4 نومبر واري اجلاس ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس اُنهن جي خط تي نه ڪميٽيءَ جو اجلاس گُهرايو ۽ نه ئي اُنهن جي فيصلي تي فُل ڪورٽ اجلاس ٿيو. اهڙي ريت پارليامينٽ کي قانون سازيءَ کان روڪڻ لاءِ منع نامو جاري ڪرڻ جو منصوبو پنهنجي موت پاڻ مري ويو.

ٻن سينيئر ‘ترين’ ججن 4 نومبر تي چيف جسٽس کي هڪ ٻيو خط لکيو، ان خط ۾ فُل ڪورٽ اجلاس نه گُهرائڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. ‘اندر’ جي اطلاعن موجب، فُل ڪورٽ ۾ تماشو لڳائڻ جو پورو انتظام هو، جيڪو لڳي نه سگهيو. ٻئي طرف حڪومت 4 نومبر وارو ميلو وڌيڪ ‘ڦِٽائي’ ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 34، هٿياربند فوجن جي سربراهن جي سربراهيءَ جو مدو 3 کان 5 سال ڪري ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي ان کي چار رڪني مان بدلائي ٽه رڪني ڪري ڇڏيو. هاڻي چيف جسٽس ۽ سينيئر جج سان گڏ آئيني بينچ جو سربراهه بنجڻ وارو سينيئر جج پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو ميمبر هوندو.

ان ‘ڦِٽايل’ ميلي ۾ يويٽيوبرز ۽ سوشل ميڊيا جي مجاهدن جون اهڙيون دانهون ۽ ڪِيهاٽ آهن، جو ڪَنين آواز نه پيو ٻُڌجي. چيو پيو وڃي ته، آئين سان کيڏ ڪئي وئي آهي.  منهنجو خيال آهي ته، جڏهن مختلف ايڪٽن ۽ قانونن ۾ ترميمون ٿي رهيون هيون، اپوزيشن کي هنگامو کڙو ڪرڻ بدران ان ڳالهه تي زور ڏيڻ گُهربو هو ته ترميمن جو مسودو ميمبرن کي ڏنو وڃي ۽ اُن تي بحث ڪرايو وڃي. البته آئون ان راءِ سان سهمت ناهيان ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن جو هنگامو ۽ مچايل ٻڙڌڪ حڪومت کي ڪارروائي مڪمل ڪرائڻ لاءِ هڪ قسم جي سهولتڪاري هئي. پي ٽي آءِ آخر ڇو سهولتڪاري ڪندي؟ ان مان کيس ڇا ملندو؟ ڇا پارليامينٽ تڏهن بلڊوز نه ٿي هئي، جڏهن ايجنسين جي گڏ ڪيل ميمبرن جي سَگههَ سان هڪ ڏينهن ۾ 50-50 بل منظور ڪرايا ويندا هئا؟

دهشتگرديءَ جي انت واري ايڪٽ ۾ نئين ترميم 90 ڏينهن جي لاءِ تحويل ۾ رکڻ جو اختيار دُرست ناهي. ان معاملي ۾ شروعات ۾ صرف بلوچستان جي حد تائين ترميم ڪئي وئي هئي، تڏهن به مون انهن سِٽن ۾ عرض ڪيو هو ته، “غلط ٿي رهيو آهي” ۽ اڄ به منهنجي اها ئي ساڳي راءِ آهي. البته اها ڳالهه دُرست آهي ته، پارليامينٽ کي قانونسازي جو حق آهي، تڏهن به هو ۽ هاڻي به آهي. تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته، فارم-47 واري حڪومت جو اهو ڪم آئين جي خلاف آهي. 2018 ۾ آر ٽي ايس جا ترا ڪڍي جوڙايل پارليامينٽ جي قانونسازي ڪيئن دُرست هوندي. اسان مان ڪو به پنهنجي گريبان ۾ جهاتي نٿو پائي. ٻين جي گريبان اندر ڏسڻ جو مرض پُراڻو آهي.

ٿورو ترسو، گذريل ڏينهن منظور ٿيندڙ بلن جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو تعداد وڌائي 12 ڪيو ويو. ڇا اهو تعداد صوبن ۾ هڪ جيترو ورهايو ويندو؟ اڱاري واري ڏينهن جڊيشل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس ٿيڻو هو ۽ حڪومت کي جڊيشل ڪميشن ۾ 6 کان ستن ميمبرن جي حمايت حاصل هئي. ميلو وڌيڪ تڏهن ‘ڦِٽندو’، جڏهن بغاوت ۽ منع نامي جا انتظام پنهنجو موت پاڻ مري ويندا. هن وقت حڪومت ملٽري ڪورٽس واري ان قانون ۾، جيڪو تحريڪ انصاف جي دور ۾ منظور ٿيو هو، ترميم لاءِ صلاح مشورا ڪري رهي آهي. ويساهه جوڳا ذريعا ٻُڌائي رهيا آهن ته، “جيڪڏهن ڪو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ وڃي ٿو ته، اُن جي ٻُڌڻي مڪمل ٿيڻ ۽ فيصلو اچڻ تائين عدالت ڪيس جي جوابدارن کي نه رليف ڏئي سگهندي ۽ نه ئي ڪيس خلاف منع نامو جاري ڪري سگهندي.” جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ اهو فيصلو دُرست نه هوندو.گهڙي کن لاءِ ترسو. پير ۽ مُرشد تازو ئي عمري جي سعادت حاصل ڪئي، جنهن دوران سعودي عرب ۾ هڪ تقرير ۽ ڪجهه جذباتي گفتگو به ڦهڪائي ڏني. اُن جي تقرير ۽ گفتگو جي وڊيوز جي بنياد تي اُن جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ تي به حڪومت جا قانوني ماهر ويچارڻ ۾ مصروف آهن. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ميلو وڌيڪ ‘ڦِٽڻ’ سان گڏ سياست، خاص طور تي وڪيلن جي سياست ۾ گرمي ايندي. تمام گهڻيون ڏِهاڙيون لڳنديون.

 انويسٽر تيار ويٺا آهن. افتخار چوڌري واري تحريڪ به انويسٽرن جي خرچ تي هلي هئي پر تڏهن تقريبن سموريون جماعتون ۽ 99 سيڪڙو ميڊيا تحريڪ سان گڏ هئي. هاڻي صورتحال ڪنهن حد تائين مختلف هوندي. جيئن پنجابي ۾ چئبو آهي ته، “سانُون ڪِي”، بس اسان جو ڇا؟ سادات جي لڙائي ۾، جيڪڏهن اها ٿئي ٿي ته، اسان گرائونڊ ۾ ڪنهن مٿانهين هنڌ تي ويهي تماشو ڏسنداسين.

هاڻي هڪ ٻه خبرون ٻيون. اسٽيٽ بينڪ ساڍا 17 سيڪڙو وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪري اُها 15 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. چيو پيو وڃي ته، خسارو 98 ملين ڊالر رهجي ويو آهي. علاقائي ۽ وچ اوڀر جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. فقير راحمون جو چوڻ آهي ته، پير سيد حافظ جنرل عاصم منير جو اباڻي لحاظ کان جالنڌر سان تعلق آهي. هڪ ڳالهه ٻُڌائڻ وسري وئي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ 25 ۽ سينيٽ ۾ 16 منٽن ۾ ترميمي بل منظور ٿيا. اهو به وقت هو جڏهن قومي اسيمبليءَ مان 30 منٽن ۾ پنجاهه بل منظور ٿيا هئا. خير، اُهي اُن ايوان ۽ ديانتدار قيادت کي سُونهندا به ته هئا!

پڇاڙڪا لفظ اهي آهن ته، عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن جي هڪ پينل گذريل سومر تي اڊيالا جيل ۾ اُن جي طبي چڪاس ڪئي. اُن جي سينيئر معالج ڊاڪٽر عاصم مطابق، عمران خان جي صحت ٺيڪ آهي ۽ اهو به ته اپريل 2022 کان اڳ فضائل آرمي شريف سمجهائيندي اهو ٻڌائيندڙ ته، “پاڪ فوج سان محبت لاءِ ‘پِيءُ جو هڪ ۽ ماءُ جو نيڪ’ هجڻ ضروري آهي”، اڄڪلهه تَتل تَئي تي ويٺل آهي. باقي سڀ خيريت آهي.