ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي گلوڪاره نيها ڪاڪڙ پنهنجي ميلبورن ڪنسرٽ ۾ 3 ڪلاڪ دير سان پهچڻ تي سخت رد عمل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ گلوڪاره پنهنجي مداحن اڳيان روئي معافي گهري رهي آهي، وڊيو ۾ هڪ شخص رڙيون ڪري چئي رهيو هو ته واپس اچو، پنهنجي هوٽل ۾ آرام ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ٻين ماڻهن جي طرفان اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته هي آسٽريليا آهي، انڊيا نه آهي، نيها ڪاڪڙ انسٽراگرام تي هڪ تفصيلي رپورٽ شيئر ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪنسرٽ ۾ ڇا ٿيو هو ۽ آرگنائيزر سان گڏ پنهنجي تجربي بابت ٻڌايو آهي، هن ٻڌايو ته مان اسٽيج تي 3 ڪلاڪ دير سان پهتي هئي، آرگنائيرز مون سان ڇا ڪيو، مان ميلبورن جي مداحن لاءِ بلڪل مفت ۾ پرفام ڪيو، آرگنائيزر منهنجا پيسا ۽ ٻين جا پيسا وٺي فرار ٿي ويو آهي، منهنجي بينڊ جي ماني، هوٽل يا پاڻي به نه ڏنو ويو، منهنجي مڙس وڃي انهن ڇوڪري کي کاڌو فراهم ڪيو، ان جي باوجود به مان ٻيهر اسٽيج تي ويس ۽ بغير ڪنهن انتظار جي شو شروع ڪيو، ڇو جو منهنجا مداح انتظار ڪري رهيا هئا، گلوڪاره وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنسرٽ جي سائونڊ جو نظام به بلڪل نه هيو جنهن تي پڻ ڪافي دير لڳي هئي، نيها انڪشاف ڪندي چيو ته سندس ٽيم کي خبر نه هئي ته ڪنسرٽ ٿي رهيو آهي يا نه، ڇو جو آرگنائزر ٽيم جي مئنيجر جي ڪال کڻڻ بند ڪري ڇڏي هئي، نيها ڪاڪڙ پنهنجي پيغام تمام ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو ته جن معاملي کي سلجهايو، معاملي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.