ميلبورن(اسپورٽس نيوز) ميلبورن ٽيسٽ ۾ به پاڪستان جي ٽيم مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي، ٻه سئو رنسن کان اڳ ئي اڌ کان وڌيڪ ٽيم واپس پويلين پهچي وئي. ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 318 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون ۽ ان کي ڪينگروز جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 124 رنسن جي ضرورت آهي. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق 62 رنسن جي اننگز کيڏي، آسٽريليا 187 رنسون 3 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تان راند شروع ڪئي ته لبوشين ففٽي ٺاهي ۽ سموري ٽيم 318 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ٽريوس هيڊ 17، مچل مارش 41. لبوشين 63، ڪيري 4، اسٽارڪ 9، ڪمنس 13 ۽ ليون 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان جي بالرن مان عامر جمال 3، شاهين آفريدي، مير حمزه، حسن علي ٻه ٻه ۽ آغا سلمان هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستان جي ٽيم جا اوپنر ڪو وڏو اسٽينڊ نه ڏئي سگهيا امام 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. عبدالله شفيق ۽ ڪپتان شان مسعود وچي ۾ 90 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي، شفيق 62 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. شان 54 رنسون ٺاهيون، بابر هڪ، سعود شڪيل 9، آغا سلمان 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. راند ختم ٿيڻ تي محمد رضوان 29 ۽ عامر جمال 2 رنون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.