فلوريڊا(اسپورٽس نيوز) فٽ بال جي دنيا جو وڏو نالو ليونل ميسي هن وقت آمريڪا ۾ انٽر ميامي ٽيم لاءِ کيڏي رهيو آهي، ان ڪري ئي هن آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ اربين رپين جو گهر خريدي ورتو آهي. 1486 اسڪوائر فٽن تي ڦهليل اهو گهر فلوريڊا جي شهر فورٽ 10 ۾ واقع آهي، جنهن ۾ 8 سونا ڪمرا، ڪيترائي باٿ روم، لاتعداد بيڊ روم گيراج ۽ هڪ سوئمنگ پول موجود آهي. اهو گهر انٽرميامي اسٽيڊيم جي ويجهو آهي.  ميسي اهو گهر هڪ ڪروڙ 80 لک ڊالرز (3 ارب 22 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ خريد ڪيو آهي. ڄاڻايل گهر 1998ع ۾ ٺهيو هو ۽ هڪ مقامي ڊيزائن ميگزين ۾ ان تي خاص مضمون شايع ڪيو ويو هو.  عاليشان مهل نما گهر جون وڊيوز جاري ڪيون ويون آهن جيڪو تمام گهڻو خوبصورت آهي.  واضح رهي ته ان کان اڳ ليونل ميسي جي مهانگي ملڪيت بارسلونا ۾ هئي جنهن جي ماليت 70 لک ڊالرز هئي.  ميسي جو نئون گهر اهڙي هنڌ آهي جتي اڏامن جي اجازت ناهي، پول، انڊور جم، ٿيٽر ۽ ٻيون سهولتون به آهن. ان کان علاوه ارجنٽينا ۽ آمريڪا ۾ به ڪيترن ئي ملڪيتن جو مالڪ آهي.  ليونل ميسي دنيا جي سير سفر لاءِ پنهنجو جهاز به خريد ڪري ورتو آهي.