جيڪڏهن اوهان فيس بوڪ ميسنجر تي دوستن کي آڊيو يا وڊيو ڪالز ڪرڻ پسند ڪريو ٿا ته ايپ ۾ متعارف ڪرايل کوڙ سارا نوان فيچر به اوهان کي ضرور پسند ايندا. ميٽا طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ نون فيچرز جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڪمپني موجب، هاڻي اوهان وڊيو ڪال دوران مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي تي ٻڌل بيڪ گرائونڊ استعمال ڪري سگهو ٿا. ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ وڊيو ڪال ڪرڻ دوران سائيڊ بار تي موجود ايفيڪٽس آئيڪون تي ڪلڪ ڪريو ۽ پنهنجي پسند جو بيڪ گرائونڊ چونڊيو. اهڙي ريت اوهان کي پنهنجي دوستن ۽ گهروارن کي پنهنجي پٺيان موجود خراب پس منظر ڏيکارڻ جي ضرورت نه پوندي.
اهڙي قسم جو فيچر اڳواٽ ئي مختلف وڊيو ڪالنگ ايپس ۾ موجود هو، جڏهن ته فيس بوڪ ميسنجر ۾ ڏاڍي دير سان متعارف ڪرايو ويو آهي. ان کانسواءِ ايڇ ڊي وڊيو ڪالز وارو فيچر پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي، پس منظر ۾ ٿيندڙ گوڙ کي دٻائڻ ۽ آواز کي هر ممڪن حد تائين صاف ڪرڻ وارن فيچرز جو به واڌارو ڪيو پيو وڃي.ميٽا جو چوڻ آهي ته ميسنجر وڊيو ڪالز ۾ ايڇ ڊي وڊيو موڊ باءِ ڊيفالٽ ٿيندو، جڏهن ته سست يا خراب انٽرنيٽ سروس تي اِهو فيچر ڪم نه ڪندو. ميٽا موجب، هاڻي اوهان پنهنجي دوستن کي وائس ۽ وڊيو پيغام به اُماڻي سگهو ٿا، جنهن لاءِ رڪارڊ ميسج بٽڻ تي ڪلڪ ڪري وڊيو يا آڊيو پيغام اُماڻي ڇڏيو.