جميڪا (اسپورٽس ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر جيسن هولڊر انجري سبب ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. جيسن هولڊر ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ انجري جو شڪار ٿيو هو، ويسٽ انڊيز اسڪواڊ ۾ هولڊر جي جاءِ تي اوبيد ميڪ ڪوئي کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جي پنج ريزرو رانديگر پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ريزرو رانديگرن ۾ هيڊن والش، آندري فليچر، فيبين ايلن، ميٿيوز فورڊ ۽ ڪائل مائرز شامل آهن.