اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي آمريڪي قومي سلامتي واري نائب مشير جان فائنر جي بيان تي پاڪستاني پرڏيهي وزارت ردعمل ڏنو آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ميزائل صلاحيتن ۽ ڊليوري سسٽم تي سينئر آمريڪي عهديدار پاران ٿنڪ ٽينڪ ۾ ڏنل بيان بي بنياد، غير منطقي، تاريخ کان لاعلمي تي ٻڌل آهي، هن چيو ته  پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن لاءِ بي انتها قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جا 1954ع کان وٺي مثبت ۽ وسيع لاڳاپا رهيا آهن، بنا ثبوتن جي الزام ٻطرفن لاڳاپن لاءِ سٺا ثابت نه ٿيندا، پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا لاءِ خراب ارادن جو مظاهرو ناهي ڪيو، اسٽريٽجڪ صلاحيتون دفاع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي تحفظ لاءِ آهن، پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي حق تان دستبردار نه ٿيندو، پاڪستان خطرن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي دفاعي صلاحيتن جي حق تان دستبردار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته 2012ع کان آمريڪي عهديدارن ان موضوع تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، پاڪستاني حڪومتن، قيادت، عهديدارن غلط فهميون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.