ٽنڊو الهيار / جهنڊومري (رپورٽر+ ن پ ا) مير محمد غلام عرف مير پپو ٽالپر جي وفات کان پوئي ضلعي چيرمين جي خالي سيٽ تي سندس پٽ مير سهيل پپو ٽالپر بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي. سندس ڪاميابيءَ جي خوشي ۾ ميرآباد کان ٽنڊوالهيار تائين ريلي ڪڍي وئي، ڊي سي آفيس ٽنڊوالهيار ۾ حلف برداري تقريب ٿي ضلعي چيرمين ميرسهيل پپو ٽالپر کي ڊي سي ٽنڊوالهيار نور مصطفيٰ لغاري حلف کڻايو . ٻئي پاسي ٽنڊوالهيار ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين حلف کڻڻ شرط سنڌو تي اختلافي 6 ڪئنالن جي مخالفت ڪري ڇڏي ٽنڊوالهيار ضلعي ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر نور مصطفا لغاري هٿان حلف کڻي ورتو حلف برداري جي تقريب ۾ حلف کڻڻ کانپو۽ ٽنڊوالهيار ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن جي موجودگي ۾ ضلعي چئرمين مير سهيل ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌو دريا اسانجي جو جياپو آهي درياهه مان ڪئنال نه نڪرندا سنڌو درياء مان نڪرندڙ ڪئنالن جي تدفين 2 مئي تي ٿي ويندي هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي مالڪي ڪئي آهي سي سي آء جو اجلاس ٿيڻ به پيپلزپارٽي جي ڪاميابي آهي. 6 ڪئنالن جو مامرو 2 مئي تي قانوني طريقي سان دفن ٿي ويندو. ان موقعي تي پ پ جي ڪارڪنن ۽ ورڪرن ڪئنالن خلاف نعريبازي پڻ ڪئي تقريب بعد پ پ ضلعي صدر ظهير پتافي ، پ پ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ پارٽي جي ورڪرن مير سهيل ٽالپر کي گلن لونگين ۽ اجرڪن جا تحفه ڏئي مبارڪون ڏنيون.