مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جي 26 سالن بعد!

0
95
مير-مرتضيٰ-ڀٽو-جي-شهادت-جي-26-سالن-بعد

  18 سيپٽمبر مير مرتضيٰ ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي ۽ 20 سيپٽمبر سندس شهدادت جو ڏهاڙو آهي. 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي ۾ ئي سندس رهائشگاهه 70 ڪلفٽن ويجهو 20 سيپٽمبر 1996ع تي هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ وڌيڪ 6 ساٿين سان گڏ قتل ڪيو ويو، جڏهن سندس ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزيراعظم هئي.ان قتل تي دنيا سڪتي ۾ اچي وئي هئي. ڪوئي سوچي به نه پيو سگهي ته ايڏي وڏي خاندان جي هڪ شخص کي ايئن پوليس مقابلي ۾ ماريو ويندو ۽ اهو به سندس ئي ڀيڻ جي حڪومت ۾. اهو قتل ڪنهن ڪيو؟ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي خبر سان گڏ ئي ماڻهن جي ذهنن ۾ سڀ کان پهريون سوال اهو ئي پيدا ٿيو، جنهن جو اڄ تائين جواب ناهي ملي سگهيو.سانحي 20 سيپٽمبر کان ڪجهه ڏينهن اڳ مون روزنامه “جنگ” لاءِ مير مرتضيٰ ڀٽو جو انٽرويو ڪيو هيو، جيڪو شايع نه ڪيو ويو هيو. ان انٽرويو ۾ مير صاحب پنهنجي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پاليسين تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي هئي. مون کانئس ڪيترائي ڀيرا سوال ڪيا ته ڇا اوهان جا پاڪستان جي اقتداري حلقن سان معاملات طئي ٿي ويا آهن ۽ اوهان ڇا سمجهو ٿا ته اهي محترمه بينظير ڀٽو جي مقابلي ۾ ڀٽو جي سياسي وارث جي طور تي اهي اوهان کي پاڪستان جي سياست ۾ اچڻ ڏيندا، ڇو ته اوهان تي الزام آهي ته اوهان “الذوالفقار” ذريعي هٿياربند جدوجهد جي شروعات ڪئي. اوهان تي جهاز اغوا ڪرائڻ جو الزام آهي. اوهان تي چوڌري ظهور الاهي کي قتل ڪرائڻ جو الزام آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي ته اوهان جي جلاوطني دوران فوجي عدالت مان اوهان کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. گهمائي ڦيرا ڪيترا ئي ڀيرا مون اهي سوال ڪيا پر مير مرتضيٰ ڀٽو انهن سوالن جو اهو جواب نه ڏنو، جنهن جي مان اميد ڪري رهيو هيس. رڳو هڪ ڀيرو هن چيو ته “مان پاڪستان جي عوام لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي آيو آهيان، منهنجي والد کي شهيد ڪيو ويو، منهنجي ڀاءُ کي شهيد ڪيو ويو” پوءِ هن ڪمري جي ڀتين تي پيپلز پارٽي جي شهيد ٿيندڙ درجنين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي تصويرن طرف اشارو ڪندي چيو ته “منهنجي انهن ساٿين کي شهيد ڪيو ويو. آخر مان ڪيستائين پنهنجي ماڻهن کان پري رهان ها.”

ٿي سگهي ٿو ته مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان جي حقيقي اقتداري حلقن کان ڪجهه ضمانتون وٺي پاڪستان آيو هجي. کيس جلاوطني ختم ڪري واپس پاڪستان آڻڻ جي لاءِ ڳجهن ادارن جي ڪجهه عملدارن، ڀٽو خاندان جي ڪجهه ويجهن ماڻهن ۽ ڪجهه صحافين جي سرگرمين جي حوالي سان خبرون به اچي رهيون هيون پر مير مرتضيٰ ڀٽو سان ڳالهين ۾ مون کي احساس ٿيو ته کيس شايد انهن ضمانتن تي پورو يقين نه هيو ۽ اهو اقتداري حلقن سان “لاڳاپن جي بهتري” لاءِ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ پنهنجو سياسي موقف بڻائڻ چاهي پيو.

ان ۾ ته ڪوئي شڪ ناهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي بعد محترمه بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو وچ ۾ ان ڳالهه تي اختلاف پيدا ٿي ويا هئا ته آئنده جي حڪمت عملي ڪهڙي هجي. محترمه بينظير ڀٽو جو موقف اهو هيو ته جنرل ضياءَ الحق جي فوجي آمريت ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ حلقن خلاف سياسي جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو وڃي، جڏهن ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ شاهنواز ڀٽو ٻئي هٿياربند جدوجهد جا حامي هيا. بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي اولاد جي وچ ۾ حڪمت عملي تي ٿيندڙ اختلافن کي سڄي عمر ختم نه ڪرائي سگهي. هن ظاهري طور تي پنهنجي ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ ئي نه ڇڏيو پر بينظير ڀٽو جي حڪمت عملي کي اڳتي وڌائيندي تحريڪ بحالي جمهوريت (ايم آر ڊي) جي نالي سان هڪ سياسي اتحاد بڻائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. اها هڪ وڏي ڪاميابي هئي، ڇو ته ايم آر ڊي ۾ اهي سياسي ۽ مذهبي جماعتون به شامل ٿيون، جيڪي ان کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو جي حومت جي خلاف پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جي سياسي اتحاد ۾ شامل هيون ۽ ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ جو مطالبو ڪنديون هيون. ايم آر ڊي جي قيام سان نه رڳو پيپلز پارٽي ضياءَ الحق جي دور ۾ واپس سياست ڪرڻ لاءِ زمين سڌي ڪري ورتي پر ضياءَ الحق جي حامين کي به پنهنجو حامي بڻائي ورتو.

ٻئي طرف مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو الذوالفقار آرگنائيزيشن (اي زيڊ او) قائم ڪئي. اها تنظيم آزادي فلسطين (پي ايل او) کان متاثر هئي ۽ ان طريقي جي هٿياربند جدوجهد ذريعي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين پيا. اهڙيءَ طرح انهن جي سياست جي لاءِ پاڪستان جي زمين سوڙهي ڪئي وئي. 18 جولاءِ 1985ع تي شاهنواز ڀٽو جو فرانس ۾ پراسرار قتل ٿيو. فرانس جهڙي ملڪ ۾ به اهو پتو نه پئجي سگهيو ته شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏيندڙ ۽ کيس قتل ڪندڙ ڪير آهي. شاهنواز ڀٽو جي قتل جي خبر جڏهن پاڪستان پهتي هئي ته هتي ماڻهو فوري طور سمجهي ويا هئا ته ان قتل جي پٺيان ڪهڙيون قوتون آهن. شاهنواز ڀٽو جي قتل جي 11 سالن بعد جڏهن 20 سيپٽمبر 1996ع جو سانحو ٿيو هيو ته ماڻهو فوري طور ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيا. مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان اڳ جيتوڻيڪ ماڻهن جي ذهنن ۾ وڏو سوال اهو هيو ته جلاوطني ختم ڪري پاڪستان واپس ايندڙ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڇا پاڪستان جي اقتداري حلقن معاف ڪري ڇڏيو آهي؟ پر مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل بعد اهو سوال هاڻي تمام گهٽ ماڻهن جي ذهنن ۾ آهي، ڇو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ ٿيو.

اها شايد سيپٽمبر 1997ع جي ڳالهه آهي. مير مرتضيٰ ڀٽو جي گهرواري غنويٰ ڀٽو 70 ڪلفٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. اسان پريس ڪانفرنس جي ڪوريج بعد 70 ڪلفٽن جي لان ۾ آياسين ته اتي معصوم ذوالفقار علي ڀٽو  جونيئر کيڏي رهيو هيو. مون اڳتي وڌي هٿ وڌايو ۽ چيو ته “هائي ذوالفقار”، ان وقت سندس عمر رڳو 7 سال هئي. هڪ وڏي خاندان جي تربيت يافته ٻار وانگر ذوالفقار جونيئر پنهنجي ننڍڙي سائيڪل تان لٿو ۽ مون سان هٿ ملائيندي چيو ته “هائي هائو آر يو؟” مون کانئس انگريزي ۾ پڇيو ته “اوهان جو پاپا ڪاٿي آهي؟” ذوالفقار جونيئر ڪجهه دير منهنجي طرف ڏٺو ۽ چيو ته “پاپا از ڊيڊ” (پاپا فوت ٿي چڪو آهي.) اها خبر ان ئي احوال سان گڏ جنگ جي پهرين صفحي تي باڪس ۾ شايع ٿي هئي. ان ڏينهن به مان انهن کان اهو سوال نه ڪري سگهيو هيس ته اوهان جي پاپا جا قاتل ڪير آهن؟ ڇو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل جن حالتن ۾ ٿيو هيو، اهو سوال انهن حالتن ۾ به موضوعي (Subjective) هيو ۽ اڄ به موضوعي آهي. جاچ ادارا ۽ عدالتون اڄ تائين جنهن طرح مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي پٺيان قوتن جو تعين نه ڪري سگهيون آهن. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن شاهنواز ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن جو تعين ناهي ٿي سگهيو.  ظاهري طور شاهنواز ڀٽو جو قتل سندس هٿياربند جدوجهد واري نظريي سبب ٿيو پر محترمه بينظير ڀٽو ته پرامن سياسي جدوجهد ۾ يقين رکندي هئي، ان جو قتل به ٿي ويو. حڪمت عملي تي اختلاف کي بنياد بڻائي اهو موضوعي سوال پيدا ڪرڻ ناانصافي آهي ته ڀٽو خاندان جي فلاڻي فلاڻي فرد جو قاتل ڪير آهي؟ حقيقي مزاحمت چاهي سياسي هجي يا هٿياربند، اها اقتدار ۽ وسيلن تي قابض قوتن جي نظر ۾ هڪ جهڙي هوندي آهي. مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي 26 سالن بعد به پوري طرح ماڻهن کي شايد ان ڳالهه جو مڪمل تدارڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.