ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو  پوليس ٿاڻي تان منشيات فروش فرار ٿي ويو، پوليس ۾ ٿرٿلو، خبر موجب پوليس ٻه ڏينهن اڳ ميرپورماٿيلو جي منشيات فروش سهيل پٽ ماڻڪ بوزدار کي گرفتار ڪيو هو، جنھن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بدران کيس ٿاڻي تي ويهاريو ويو، جيڪو پوليس کي چڪمو ڏئي فرار ٿي ويو، جوابدار جي فرار ٿي وڃڻ کان پوءِ پوليس اهلڪارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، کيس ٻيهر گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪئي پر هو هٿ اچي نه سگهيو.