ميرپورٻرڙو(ن پ ا)ميرپورٻرڙو ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف،جي يو آءِ جي سڏ تي احتجاج،سوين شهري روڊن تي نڪري آيا،ٽائرن کي باهيون ڏئي ٺل-جيڪب آباد روڊ بند ڪري ڇڏيو، مظاهرين پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مولانا فيض محمد چنا، حافظ عبدالڪريم ٻرڙو، خالد محمود چنا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميرپورٻرڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ بدامني وڌندي پئي وڃي، چوريون ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن پر پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي شهري توڙي ڳوٺاڻا مڪمل طور تي غير محفوظ بڻيل آهن