ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ چُوڏهيو ٻرڙو مان هٿياربند باغ جو پهرو ڏيندڙ ٽيوب ويل تي سُتل پيرسن غلام علي ٻرڙو کي اغوا ڪري ويا.وارثن جو چوڻ هو ته صبح جو غلام علي گهر اچڻ ۾ دير ڪئي، ٽيوب ويل تي سندس سار لهڻ وياسين ته اُتي موجود نه هو، ٻيو سامان پيل هو، جتان نامعلوم ماڻهن جا پيرا به مليا آهن. ڪنهن سان دشمني ناهي، شڪ آ ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، مسڪين ماڻهو آهيون،  اسان جو همراهه واپس ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.هوڏانهن ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيرسن غلام ٻرڙو پنهنجي باغ جي ٽيوب ويل تي ستل هو جتان کيس اغوا ڪيو ويو آهي، وارثن کان تفصيل پڻ ورتا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.