ميرپورماٿيلو( ن پ ا) ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي احتجاج ڪندي ناري جي والدہ رضيه ملڪ چيو ته 8 مھينا اڳ ٽن جوابدارن ڌي ايمان ملڪ کي اغوا ڪري زيادتي ڪئي، پوليس ضمانت رد ھجڻ باوجود جوابدار گرفتار ته ٿي ڪري ھن الزام ھنيو ته زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ڪيس تان ھٿ کڻن لاءِ گھر تي حملو ڪري تشدد ڪيو، انصاف ڪيو وڃي، ياد رھي ته ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي 8 مھينا اڳ ناري ايمان ملڪ کي اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ جو ڪيس ٽن جوابدارن عمران، صدر، سليم گبول مٿان داخل ٿيل آھي، ھوڏانھن ناري ۽ سندس امڙ جي احتجاج واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران واقعي جو نوٽيس ورتو، جنھن بعد ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ناري جي گھر تي حملو ڪري ڌمڪين ۽ مارڪٽ ڪرڻ جو ڪيس رضيه ملڪ جي فرياد تي ٽن جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس سندن گھرن تي چڙھائي ڪئي، جوابدر اڳ گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا ھئا.