ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ڄام مھتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ شهريار شر جي ضمانت ۾ 25 اپريل تائين واڌ، ڄام مھتاب ڏهر تي حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، جتي جوابدار شهريار خان شر ڄنگهه ڀڳل حالت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران ڄام مھتاب ڏهر پڻ عدالت پهتو، عدالت شهريار شر جي عارضي ضمانت ۾ 25 اپريل تائين واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران شهريار شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي بنا جواز ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، مقتول ظفر ڏھر جي وارثن کي اپيل ٿو ڪريان ته پنهنجو ڪيس خراب نه ڪن، پنهنجي قاتل جا پيرا کڻ، جيڪي فريادي ڏانهن وڃي رهيا آهن، ٻئي طرف ڄام مھتاب ڏهر چيو ته معاملو عدالت ۾ آهي، انڪري ڪجهه نه چوندس ۽ هو نو ڪمينٽس چئي روانو ٿي ويو.