ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪرو جي يوسي سکپور ڳوٺ احمد خان ڪلمتي ۾ مال جي واڙي جي ديوار ڪرڻ سبب 14 ورھين جو نينگر وزير ڪلمتي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر کي تعلقه اسپتال ميرپور ساڪرو آندو ويو، جتان ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.