ميرپورخاص (بيورورپورٽ) علائقي جي بااثر ماڻهن اسان جي 18 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي، باقي زمين تي قبضي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.اهڙو اظهار ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ٽانڪريو تعلقي ننگرپارڪر جي رهواسين الله بچايو ساند، حيات ساند ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي 70 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن مان 18 ايڪڙ زرعي زمين تي علي محمد ساند،لقمان ساند،سڪيلڌو ساند، اشرف ساند ۽ ٻين قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته باقي زمين تي قبضي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.بااثر ماڻهو طاقتور آهن جيڪي اسان جا گهر ڊاهڻ سميت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.جڏهن ته اسان جا رستا به بلاڪ ڪيا ويا آهن ٻارن کي اسڪول وڃڻ نه ڏنو پيو وڃي,هنن چيو ته اعليٰ اختيارين کي شڪايت ڪرڻ جي صورت ۾ اسان جا گهر ساڙڻ ۽ عورتن کي اغوا ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن,هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.