ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)بااثر زميندار کان بچت جا پئسا گھرڻ تي زميندار مڇرجي پيو اسان جي ھڪ معصوم ٻار سميت 6 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، بااثر زميندار جي مبينا زيادتين خلاف جھڏو جي ڳوٺ علي نواز پتافي واسي ڪولھي برادري جي ھاري مردن، عورتن ۽ ٻارن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي صحافين اڳيان دانهيندي متاثر ھارين راجڪمار ڪولھي، ٽيڪم،سورج، شريمتي مومل، شريمتي راڌا ڪولھي ۽ ٻين چيو ته اسان زميندار ڪمال خان پتافي وٽ گذريل 10 سالن کان ھارپو ڪري رھيا آھيون جڏهن ته اسان جي حصي جي فصل جي بچت 5 لک 73 ھزار روپيا زميندار ڏانهن رھيل آھي زميندار پاران خرچ نه ڏيڻ سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن جڏھن ته بک بدحالي کان تنگ ٿي اسان زميندار کان بچت جي رقم جي گھر ڪئي، جنھن تي زميندار مڇرجي پيو، گذريل ڏينهن زميندار ڪمال خان پتافي، مرتضيٰ، دلدار،گلزار پتافي ۽ ٻيا گاڏين ۾ سوار ٿي ھٿيارن سميت اسان جي گھرن تي ڪاهه ڪري مردن عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد اسان جي 6 ڄڻن جنھن ۾ سومجي ڪولھي، جمن، ڀورو ڪولھي, ڀڳوانو ۽ معصوم ٻار پون ڪولھي کي کنڀي کڻي ويا آهن، جن کي گم ڪيو ويو آهي، ھنن چيو ته خدشو آهي ته اسان جي ماڻهن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويندو يا کين قتل ڪيو ويندو، اسان اھڙي شڪايت کڻي جھڏو ٿاڻي تي ويا پر پوليس ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بااثرن پاران اسان جي عورتن کي اغوا ڪرڻ، ڳوٺ مان بي دخل ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، متاثر ھارين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص سميت اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي فوري طور اسان جي ماڻھن کي بازياب ڪرائڻ سميت بچت جي رقم ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.