ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن منارٽي ونگ جي صوبائي نائب صدر راجيش ڪرشن ڀيل پاران ڪلثوم نواز جي 5 ھين ورسي جي مناسبت سان ميرپورخاص ۾ اڳوڻي ايم اين اي ڪرشن ڀيل جي رھائش گاھ تي ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ منارٽي ونگ جي اڳواڻن سنجي راماڻي ، راجا ڀلجي، راڻو صاحب ، پھلاج راء، دادو مل، ميرچند، وڪيل ڀورالال سميت ڪارڪنن وڏي انگ م شرڪت تقريب ۾ ھندو مذهب موجب گيتا پاٽ ڪري ڪلثوم نواز جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گھري وئي ان موقعي تي منارٽي ونگ اڳواڻن راجيش ڪرشن ڀيل ، سنجي راماڻي ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪلثوم نواز مشڪل وقت ۾ پارٽي جون واڳون سنڀالي پارٽي کي اڳتي آندو سندس پارٽيءَ ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن ھنن چيو ته ھن وقت چيف آرگنائيزر مريم نواز ڪلثوم نواز جي ڇڏيل مشن تي ھلي رھي آھي