ميرپورخاص(بيورورپورٽ)تازو ٿيل ڄامشورو ۾ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلائن جي ٽيسٽ جو پيپر مبينا آئوٽ ٿيڻ خلاف متاثر شاگردن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ، پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي تي حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي تي عدم اعتماد جو اظھار,ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن اقرا، ندا، فرحانه، عليشبا ۽ ٻين چيو ته پيپر آئوٽ ٿيڻ مستحق ۽ محنتي شاگردن جي حقن تي ڌاڙو آھي ۽ سراسر ميرٽ جي لتاڙ آھي اھڙي عمل تي سڄي سال محنت ڪندڙ شاگردن ۾ سخت مايوسي ۽ ڪاوڙ واري صورتحال ڇانيل آهي ھنن چيو ته جيڪڏهن ايئن ئي ڪرڻو ھو ته پوءِ ٽيسٽ جو ڪوڙو ڊرامو رچائي شاگردن کي ذليل ڇو ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسان اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا ھنن وڌيڪ چيو اھڙي مجرماڻي غفلت بعد معاملي کي دٻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي پر اسان اھڙي ڪميٽي تي عدم اعتماد ڪندي رد ڪريون ٿا محنتي شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ٻيھر شفاف طريقي سان ٽيسٽ ڪرائي وڃي.