ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) صحت کاتي ويڪسينيٽر جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي  آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن پاران  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي نورحسن لاشاري، نعمان فاروق بروهي، شاهد خاصخيلي ۽ ٻين  چيو ته اسان صحت کاتي ۾ ويڪسينيٽر جي ڀرتين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي جنهن  ۾ سنڌ  جا 6000 اميدوار پاس ٿيا آھن  جڏھن ته اسان کي اڃا تائين آفر آرڊرنه ڏنا ويا آھن هنن چيو ته صحت کاتي طرفان پنهنجانواز  پاليسي تحت آرڊر انهن اميدوارن کي ڏنا ويا  آھن جيڪي ٽيسٽ فيل ٿيا آھن اھا سراسر ميرٽ جي لتاڙ ڪندي مستحق اميدوارن جي حق تلفي ڪئي وئي آهي جڏهن هنن چيو ته اسان بک بدحالي بيروزگاري سبب سخت معاشي طور پريشان آھيون اسان کي فوري طور آفر  آرڊرڏنا وڃن نه ته ٻي صورت۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو