ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ مڇرن جو آزار ۽ پيئڻ جو گندو پاڻي واپرائڻ سبب شھر ۾ مليريا ۽ ڊائريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي جنھن سبب ڪيترائي ٻار ڄاڻايل بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته روز جي بنياد تي سول اسپتال ميرپورخاص جي ٻارن جي وارڊ ۾ 50 کان وڌيڪ ٻار داخل ٿين ٿا ، ٻارن جي وارڊ ۾ بيڊن جي کوٽ سبب ھڪ بيڊ 02 کان 03 ٻارن کي رکيو ويو آهي جنھن ڪري مريضن جي وارثن کي شديد تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو پوي ان کان سواءِ خانگي اسپتالن ۾ ڪيترائي ٻار داخل آھن جڏھن ته داخل ٻارن جي وارثن جو چوڻ ھو ته تيز بخار سان گڏ ٻار کي الٽي ۽ دست شروع ٿين ٿا جنھن بعد ٻار جي حالت خراب ٿيو وڃي ھنن جو چوڻ ھو ته سندن علائقن ۾ مڇرن جو آزار آھي جنھن ڪري ٻارن سميت وڏي عمر جا ماڻھو پڻ بخار ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ھوڏانھن ڊاڪٽرن موجب مليريا جو مرض تيزي سان ڦھلجي رھيو آھي ۽  پيئڻ جو صاف پاڻي استعمال نه ڪرڻ سبب ڊائريا ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ پڻ  تيزي اچي رھي آھي اڪثر ٻارن ۾ قوت مدافعت گھٽ ھجڻ سبب ھو مليريا ۽ ڊائريا ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن مريضن جي تعداد ۾ اظافي سبب بيڊن جي کوٽ پيدا ٿي آھي جنھن ڪري ھڪ بيڊ تي ھڪ کان وڌيڪ ٻارن کي رکيو ويو آهي شھرين کي گھرجي ته پاڻ سميت پنھنجي گھر ڀاتين کي مڇرن کان بچائن   پيئڻ جو صاف پاڻي استعمال ڪن.