ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) پراڻي ميرپور ڀرسان جمڙائو ڪئنال ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف آبادگارن جمڙائو ڪئنال موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب کپرو ء سانگهڙ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاجي ڌرڻو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو پر مظاهرين سان ڳالهائڻ لاءِ آبپاشي عملدارن مان ڪير به نه پهتو، ان موقعي تي مظاهرين پيئڻ جو پاڻي نه هئڻ ڪري خالي دلا کڻي انوکو احتجاج ڪندي دلا جمڙائو ڪئنال اڇلائي ڇڏيا، ان موقعي تي جلال مري، جاني جوڻيجو، آچر مري، ڪمال مري، عبدالله مري ۽ انور مري ء ٻين چيو ته ساليانه وارا بندي ختم ٿيڻ باوجود جمڙائو ڪئنال ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري اسان کي پيئڻ جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، اسان جون زرعي زمينون ويران بڻجي ويون آهن، جڏهم ته هن وقت تائين خريف جو فصل نه پوکي سگهيا آهيون،هنن سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي غلطي ڪئي آهي زرداري سنڌ جو سودو ڪري سنڌين جي لڄ کي لڄايو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جمڙائو ڪئنال ۾ فوري طور پاڻي سميت تڪراري ڪئنالن جي رٿا کي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.س