ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپور خاص جي ٽائون ٿاڻي جي حد مان 15 ڏينهن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل نه ملڻ خلاف مري برادري جي ماڻهن پاران ھٿن ۾ لٺيون کڻي پريس ڪلب اڳيان روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي لشڪر شاهه واسي رجب مري، ڪرم علي مري، راشد مري، فيص محمد ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته رجب علي مري جي نئين ماڊل جي سي ڊي موٽرسائيڪل 15 ڏينهن اڳ ٽائون ٿاڻي جي حد مارڪيٽ چوڪ تان نامعلوم چور چوري ڪري ويا، جڏهن ته اسان بروقت اھڙي شڪايت 15 مددگار سينٽر ۽ ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪرائي ايس ايچ او پاران ھڪ ھفتي م چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي پر اڃا تائين موٽر سائيڪل واپس نه ملي آھي جڏهن ته ايس ايچ او اسان کي ڪوڙا دلاسا ڏئِي رھيو آھي، ھنن الزام هڻندي چيو ته شھر ۾ بدامني عروج تي آھي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھي، پر پوليس ڏوھن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آھي، اسان مجبور ٿي روڊ تي سراپا احتجاج بڻيل آھيون، ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.