ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ميرپورخاص لڳ بلوچ آباد واري علائقي ۾  ڪارنهن الزام ھيٺ نوجوان وحيد شر گھٽا ڏئي قتل  ڪيو ويو، اطلاع تي تعلقي ٿاڻي جي پوليس پھچي الزام ھيٺ آيل اسماعيل شر کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس الزام ھيٺ آيل عورت مسمات ڪنول شر کي به پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، ٻئي طرف پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او آفتاب رند ٻڌايو ته مقتول کي  ڪارنهن الزام ھيٺ گھر ۾ گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آھي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي .