ميرپور خاص لڳ نئين ٽول پلازه اڏڻ خلاف سوين ماڻهن جو ڌرڻو ، ٽريفڪ بند

0
13
ميرپور خاص لڳ نئين ٽول پلازه اڏڻ خلاف سوين ماڻهن جو ڌرڻو ، ٽريفڪ بند
ميرپور خاص لڳ نئين ٽول پلازه اڏڻ خلاف سوين ماڻهن جو ڌرڻو ، ٽريفڪ بند

ميرپورخاص( رپورٽر) ميرپورخاص لڳ عمرڪوٽ روڊ تي نئين تعمير ٿيندڙ ٽول پلازا اڏڻ خلاف مقامي ماڻھن سميت ٽرانسپورٽرن ۽ سول سوسائيٽي  پاران ميرمحمد منڱريو ،  يوسي چيئرمين ايڊووڪيٽ شاھنواز لغاري ۽ ٽرانسپورٽر ، مير الھيار ٽالپر ، ڪاڪا پنھور ۽ شھزادو ملڪ ، واجد لغاري جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص لڳ عمرڪوٽ روڊ تي تعمير ٿيندڙ ٽول پلازا آڏو سوين ماڻهن ڌرڻو ھڻي ھڪ ڪلاڪ تائين مين روڊ کي بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ھزارين مسافرن کي پريشان ڏسي علائقي واسين ھڪ ڪلاڪ بعد پاڻ مرادو روڊ کولي ڇڏيو ۽ ايندڙ آچر جي ڏينهن 11 وڳي تائين وارننگ ڏيندي ھنن ٻيھر روڊ تي ڌرڻو ھڙڻ جو چتاءُ ڏنو آھي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته عمرڪوٽ روڊ اڃان ته اھڙي پوزيشن ۾ ئي ناھي جنهن تي اوڳاڻي ڪرڻ لاءِ ٽول ٽيڪس تعمير ڪيو پيو وڃي، اسان ته ان روڊ کي روڊ ئي نٿا سمجهون سنگل ۽ ٽٽل روڊ ھئڻ ڪري سوين ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آھـن، روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آھن ۽ اسان پنهنجي روز مرھه جي سامان سميت ڪفن، دفن وٺڻ لاءِ ميرپورخاص ڏينهن ۾ ڏھه دفعا ويندا آھيون.