ميرپورخاص (رپورٽ:روي شنڪر مالهي) آرٽس ڪائونسل آف ٿر ۽ ميرپورخاص آرٽس ڪائونسل پاران سماجي تنظيم جي سهڪار سان لڳايل ٽن ڏينھن وارو ميرپورخاص لٽريچر فيسٽول پڄاڻي تي پهتو،  فيسٽول ۾ مقامي شاعر ۽ اديب نظرانداز  ڪيو ويو، ڪنهن به قسم جو ادبي ۽ علمي سيشنز نه ٿي سگهيو، فيسٽول کي علمي ۽ ادبي حلقن  پاران ادب دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، فيسٽول مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو، شهرين به شرڪت نه ڪئي، فيسٽول جو افتتاح به اين جي اوز سان وابسته شهزادو ملڪ ۽ اڳواڻي يوسي چيئرمين رفيق لغاري ۽ ٻين ڪيو، فيسٽول مڪمل طور تي اين جي اوز سان لاڳاپيل ماڻهن جي ور چڙهي ويو، جتي صرف هڪ ڪتابن جو اسٽال، ثقافتي اسٽال ۽ 50 کن ڪرسيون لڳايون ويون، صرف لوڪل راڳين کي گهرائي ميوزڪل پروگرام ڪوٺايو ويو، رونق نه هئڻ ۽ پبلسٽي نه ڪرڻ سبب شهرين به دلچسپي نه ڏيکاري جڏهن ته فيسٽول جو شام 6 وڳي کان رکيو ويو، فيسٽول ۾ اڳوڻو آئي جي غلام قدر ٿيٻو سان به ويهڪ رکيل هئي جيڪو نه آيو، ميرپورخاص جي ماضي ۽ حال بابت رکيل سيشن به نه ٿي سگهيو، پروگرام مڪمل طور تي ناڪام رهيو، خالي ڪرسين تي صرف والنٽيئرس نظر آيا، ان حوالي سان علمي ۽ ادبي حلقن جو چوڻ هو ته  فيسٽول۾ مقامي علمي ۽ ادبي حلقن کي نظرانداز ڪيو ويو، نه ادبي ۽ نه ئي علمي ويهڪ ٿي ٻاهرين ماڻهن اچي ميرپورخاص جي تاريخ سان کيڏيو ويو آهي، فيسٽول جي چيف آرگنائيزر ٿر آرٽس ڪائونسل سان وابسته ڪشور ڪمار واسواڻي ٻڌايو ته هن فيسٽول ۾ حڪومت سنڌ جو سهڪار نه هو، فنڊ ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيو ويو، پبلسٽي نه ڪرڻ جي ڪري فيسٽول ناڪام ٿيو.