ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ميرپور خاص جي 4 شگر ملز مان 2 ملز پيڙهائي شروع ڪري ڇڏي، آبادگارن ۽ پورهيتن  ۾ سرهائي خبرموجب ميرپورخاص ضلعي جي چئن شگر ملن مان ٻن شگر ملن العباس شگر ملز ميرواھ گورچاڻي ۽ ٿرپارڪر شگر ملز ڪوٽ غلام محمد ڪالهه منجهند ڌاري ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي ملن جي گيٽ اڳيان ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالين، ٽرڪن ۽ اٺ گاڏين ۾ وڏي مقدار ۾ ڪمند پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، ملز ۾ ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪرڻ بعد آبادگارن سميت مزدور طبقي ۾ به خوشي جي لهر ڇائنل آهي، ملز انتظاميا جي ذريعن موجب سرڪار پاران في الحال ڪمند جو اگهه واضح نه ٿي سگهيو آهي، پر اسان گذريل سال وارو 400 رپيا في مڻ ڪمند جي خريداري ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن العباس شگر ملز ميرواھ گورچاڻي ۾ مل هلائڻ جي افتتاحي تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، العباس گروپ آف ڪمپني جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي مشهور واپاري سيٺ عبدالغني ۽ سندس فرزند ملز جي ايم ڊي اي عاصم غني ميمڻ، جي ايس بينڪ جي سي اي او جهانگير صديقي ۽ ملز جي ريجنل ڊاريڪٽر غلام محمد سومرو ڪمند کي مل جي چين ۾ اڇلائي پيڙهائي جي شروعات ڪئي،  هوڏانهن ٿرپارڪر شگر ملز ڪوٽ غلام محمد جي پيڙهائي جو افتتاح  محمد اشرف آرائين ۽ ذيشان اشرف آرائين ڪيو، ملز جي پورهيتن جي خيريت ۽ برڪت لاءِ اجتماعي دعا پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته ذريعن موجب ڊگهڙي شگر ملز ۽ ميرپورخاص شگر ملز پڻ ڪريشنگ سيزن شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.