ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي سڏ تي ريٽائر ۽ حاضر سروس ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ  ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نعريبازي مظاهري کي خطاب ڪندَي اڳواڻن محمد ملوڪ اڄڻ،نياز لغاري, فاروق مھر، نورالدين خاصخيلي۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ ۾ ملازمن جا جائز مسئلا حل نه ٿيڻ سبب  ملازم روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آھن ھنن وڌيڪ چيو ته ريٽائر سن ڪوٽا ۽فوتي ڪوٽا بحال ڪرڻ سميت سنڌ جي ھر يونيورسٽي ۾ھڪ کان 16 گريڊ جي ملازمن لاءِ سينڊيڪيٽ ۾ نمائندگي رکي وڃي،گھٽ پگھار وارن ملازمن ء پورهيتن جي ٻارن کي مفت اعلا تعليم ڏني وڃي ۽ لوڪل گورنمنٽ جي ملازمن کي آن لائن پگھارون ڏيڻ سميت ريٽائر ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي ، گريڊ ھڪ کان 04 گريڊ جون نوڪريون بحال ڪرڻ سميت ملازمن کي ھيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن  ڊيلي ويجز ملازمن کي سوشل سيڪيورٽي تحت رجسٽرڊ ڪري مختلف پرائيويٽ ملازمن ، پورهيتن کي بجٽ ۾ مقرر ٿيل اجرت ڏني وڃي, ھر ملازم جو بينيئول فنڊ ٽريزري زريعي ڪٽيو وڃي ٿو اھڙي طرح ادائگي زريعي ڪئي وڃي ھنن چيو ته ميرپورخاص ڊويزن جي ملازمن کي ڪارپوريشن الائونس ڏيڻ سميت اسان جا ڄاڻايل جائز مسئلا فوري طور تسليم ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ملازمن پاران ڪراچي پريس ڪلب ۽ سي ايم ھائوس اڳيان ڌرڻا ھنيا ويندا.